اسلام آباد-24 مئي (اي پي پي) اسلام آباد ۾ تيز طوفان ۽ ڳڙي سان برسات سبب ڪاراڻ ڦهلجي وڃڻ سبب ڏينهن جو رات ڇانئجي وئي،

اسلام آباد ۾ اوچتو موسم تبديل ٿيڻ جي ڪري برسات کان اڳ تيز هوا لڳڻ ۽ ڪارائڻ ڦهلجي وڃڻ جي ڪري رات ڇانئجي وئي جڏهن ته تيز طوفان ۽ ڳڙي سان برسات جي ڪري ڪيترائي وڻ پاڙان پٽجي ويا ۽ ڳڙن سبب ڪيترن جاين ۽ گاڏين جا شيشا ٽُٽي پيا،

برسات کانپوءِ اسلام آباد ۾ گرمي جو زور ٽُٽي پيو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.