مڪو پاڪ -24 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي حج سيڪيورٽي فورسز ۽ ٻيا ادارا غيرقانوني طريقي سان مڪي شريف ۾ داخل ٿيندڙن جي نگراني لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهيا آهن، پرڏيهي خابرو اداري مطابق حج سيڪيورٽي فورسز جون مختلف ٽيمون زمين کان علاوه فضائي نگراني ۾ جامع انداز ۾ ڪري رهيون آهن. جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي مڪي شريف جي چئني پاسي ڊرونز جو استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن چور رستن جو استعمال ڪندڙن کي مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي. حج ٽاسڪ فورسز جون ٽيمون فضائي نگراني لاءِ خاص ڊرونز استعمال ڪري رهيون آهن، جن ۾ انتهائي جديد ۽ حساس ڪيمرائون لڳل آهن، جن ذريعي رات جي وقت به بهتر طور رستن جي نگراني ڪري سگهجي ٿي.