ڪراچي-23 مئي (اي پي پي)سنڌ سرڪار عورتن کي اي وي اسڪوٽيز ڏيڻ لاءِ ايندڙ مهيني ڪڻا ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پھرين مرحلي ۾ 1000 عورتن کي اي وي اسڪوٽيز ڏنيون وينديون، جنهن لاءِ سڀ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. سنڌ جي سينئر، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ ڪراچي ۾ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي وي ٽيڪسي، اي وي اسڪُوٽيز سميت وڏن ٽرانسپورٽ رٿائن جي ڪم ۾ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اي وي ٽيڪسي ۽ اسڪُوٽيز سان نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا. هن چيو ته حڪومت جون 2025 ۾ عورتن کي اي وي اسڪُوٽيز جي فراهمي سان گڏوگڏ اي وي ٽيڪسي منصوبي تي به ڪم شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪمال دايو، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ييلو لائن ضمير عباسي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود ھئا. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ييلو لائن اجلاس کي ٻڌايو ته ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي جو اهم حصو ڄام صادق پل مقرر وقت سيپٽمبر 2025 کان اڳ جون 2025 ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ڊيپو 1 ۽ ڊيپو 2 جي تعمير پڻ تيزي سان جاري آهي، ۽ انهن کي وقت کان اڳ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سي اي او ٽرانس ڪراچي ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڊيپوز، اسٽيشن ۽ بائيو گئس پلانٽ جي تعمير جي حوالي سان ڀرپور ڪم جاري آهي. شرجيل انعام ميمڻ سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته رٿائن جي وقت سر ۽ معياري تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي جديد، محفوظ ۽ اعتماد جوڳيون سفري سهولتون ملي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته ڄام صادق پل جي وقت کان اڳ مڪمل ٿيڻ تمام سٺي ڳالهه آهي، پر ٻين رٿائن ۾ به هن تسلسل کي جاري رکڻ ضروري آهي۔ گڏوگڏ سنڌ جي ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ ٽرانسپورٽ مسئلن جي حل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 500 نئين بسن جي فوري ضرورت تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ اي وي ٽيڪسي ۽ اسڪُوٽيز رٿائن تي به تفصيلي غور ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته گرين لائن بي آر ٽي منصوبي جي انتظام سنڀالڻ کان پوءِ ان جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي۔ روزاني سواري جي تعداد 50 هزار کان وڌي 61 هزار ٿي وئي آهي، جيڪا عوام جي اعتماد ۽ سرڪاري پاليسين جي ڪاميابي جو ثبوت آهي.