اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي خاص معاون فهد هارون پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ موجود ويجهي رابطي ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن جي عڪاسي ڪندي مملڪتي وزير ۽ سعودي سفير خوشگوار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي.