اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صوبي غيزو ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم لينڊ سلائيڊنگ کان متاثر خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ چين جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته هو گم ٿي ويل ماڻهن جي محفوظ بازيابي جي لاءِ دعاڳو آهي.