ڪراچي -20 مئي (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگيز ڪڇي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي بصيرت ۽ قيادت اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه آهي، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت ملڪ جي تاريخي هنڌن ۽ قومي يادگارن جي تحفظ کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن قائد جي مزار تي حاضري ۽ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي ۽ قومي اتحاد ۽ استحڪام لاءِ خاص دعا به ڪئي. وفاقي وزير سان گڏ قومي ورثي ۽ ثقافت وارو مملڪتي وزير حذيفه رحمان، وفاقي سيڪريٽري اسد الرحمان گيلاني ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين روبينه خالد به موجود هئا. مزار قائد تي آمد جي موقعي تي وفاقي وزير کي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. جنهن کان پوءِ وفد قائد جي مزار جي صحن ۾ واقع قائداعظم لائبريري جو دورو ڪيو، جتي کيس لائبريري ۾ موجود تاريخي ڪتاب، تصويرون ۽ نوادرات بابت تفصيلي ڏني وئي. دوري جي پڄاڻي تي وفاقي وزير مزار قائد جي احاطي ۾ هڪ ٻوٽو به لڳايو ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان عوامي شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.