رياض -20 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ميجر ڊفينس پارٽنر بڻجڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل عرب امارات کي ميجر ڊفينس پارٽنر جو درجو ڏيڻ لاءِ آمريڪا جي اڳوڻي صدر جوبائيڊن جي دور ۾ گذريل سال نامزد ڪيو ويو هو. هاڻي ٻنهي ملڪن ان سلسلي ۾ باضابطا اتفاق ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ خواهش جو اظهار ڪرڻ لاءِ هڪ خط تي گڏيل عرب امارات جي دفاعي معاملن بابت مملڪتي وزير محمد مبارڪ المز روئي ۽ پينٽاگون جي سربراهه پيٽ هيگسٿ گذريل هفتي صحيحيون ڪيون هيون. ان خط جي حوالي سان ان خواهش جو اظهار ٿئي ٿو ته ٻئي ملڪ ان عزم کي شيئر ڪن ٿا ته هو هڪ روڊ ميپ تي متفق آهن جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ۽ دفاعي سهڪار وڌائڻ لاءِ رهنمائي ڪندو، هن چيو ته ڊگهي مدي وارا دفاعي رابطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري رهندا. ان صحيحين ڪيل خط موجب ٻنهي طرفن کان مرحليوار بنيادن تي هڪ فريم ورڪ جوڙيو ويندو جيڪو دفاعي شعبي ۾ جدت جي بنياد تي ٿيندڙ اڳڀرائي کي گڏيل حصيداري سان وڌائيندو. آمريڪا جي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ اسٽريٽجڪ انيشيئيٽو جو به اعلان ڪيو آهي. جيڪو يو ايس ڊفينس انوويشن يونٽ ۽ امارات جي توازن کي برقرار رکندو، ته جيئن ٻنهي ملڪن ۾ فوجي ۽ دفاعي ريسرچ ۽ فوجي ميدان ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏني ويندي. ان اتفاق جي نتيجي ۾ ٻه طرفه دفاعي شعبي ۾ سيڙپڪاري به شامل هوندي. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته پارٽنر طور نامزد ڪرڻ گڏيل اعتماد، گڏيل مقصدن ۽ علائقائي ۽ عالمي سلامتي لاءِ گڏيل عزم تي ڏهاڪن کان ٻڌل لاڳاپن جي عڪاسي آهي.