اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخطير ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ناتن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته گهرو وزير تازي قطر جي دؤري جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته پاڪستان هميشه امن جو خواهشمند رهيو آهي ۽ اسان خطي ۾ جٽادار امن چاهيون ٿا. هن چيو ته هاڻوڪو قطر جو دؤرو انتهائي ڪامياب رهيو، قطر جي وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ گهرو وزير سان ملاقاتن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. منشيات جي خاتمي، دهشتگردي جي خاتمي، سيڪيورٽي تعاون ۽ تربيتي پروگرام تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو وزير واضح ڪيو ته سمورن شعبن ۾ قطر سان سهڪار کي هٿي ڏيڻ پاڪستان جي ترجيح آهي. هن وڌيڪ چيو ته قطر جي اعليٰ عملدارن فالو اپ وزٽ تي جلد پاڪستان اچڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وفاقي گهرو سيڪريٽري جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد به قطر جو دؤرو ڪندو. وفد ۾ گهرو وزارت جي ماتحت ادارن جا سربراهه به شامل هوندا. وفاقي گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قطر پاڪستان جو اعتماد جوڳو ڀائيوار آهي. قطر سان ناتن کي فخر جوڳو اثاثو سمجهون ٿا. وفاقي گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا ۽ ٻيا عملدارن به ان موقعي تي موجود هئا.