واشنگٽن – 19 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته آمريڪا جي شراڪتدارن نيڪ نيتي سان ڳالهيون نه ڪيون ته آمريڪي صدر مٿن ٽيرف لاڳو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسڪاٽ بيسنٽ هڪ ٽي وي انٽرويو ڏيندي چيو ته آمريڪي صدر انهن واپاري شراڪتدارن تي ٽيرف لاڳو ڪندو جيڪو ”نيڪ نيتي“ سان معاهدن تي ناهن ڳالهائي رهيا ۽ محصول جي شرح اها ئي هوندي جنهن جي ڌمڪي آمريڪي صدر گذريل مهيني ڏني هئي. اسڪاٽ بيسنٽ جو چوڻ آهي ته آمريڪي انتظاميا ان حوالي سان 18 ملڪن تي ڌيان ڌئي رهيو آهي ۽ انهن مان هر هڪ سان ڪنهن به واپاري معاهدي جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته ڇا هو نيڪ نيتي سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن ۽ جن ملڪن ايئن نه ڪيو انهن کي خط موڪليا ويا آهن. واضح رهي ته آمريڪي صدر ٻه اپريل کان مختلف ملڪن تي مختلف شرح جي حساب سان محصول لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو، جن کي بعد ۾ 90 ڏينهن لاءِ واپس واپس ورتو ويو هو.