رياض-17 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي صحت واري وزارت حج پانڌيئڙن کي طبي آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ اردو سميت مختلف ٻولين ۾ هيلٿ ڪٽ متعارف ڪرائي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب هيلٿ ڪٽ ۾ موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي طريقن کان آگاهه ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت جي جاري صحت ڪٽ ۾ حج سيزن دوران پانڌيئڙن کي گرمي کان بچاءَ لاءِ خاص طور تي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. چيو ويو آهي، ته پانڌيئڙا خاص طور تي حج جي ڏينهن دوران سڌي اُس کان بچن، خيمن کان ٻاهر نڪرڻ وقت ڇٽي جو استعمال لازمي ڪن، جسم ۾ پاڻي جي کوٽ نه ٿيڻ ڏين، جنهن لاءِ پاڻي جو استعمال مناسب مقدار ۾ ڪن، صحت ڪٽ مختلف ٻولين ۾ تيار ڪئي وئي آهي، جن ۾ عربي، اردو، انگريزي، فرانسيسي، فارسي، انڊونيشي، ترڪي ۽ ملاوي شامل آهن.