اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معرڪه حق ۾ تاريخي فتح جي حوالي سان وزيراعظم هائوس جي باغيچي ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب شڪراني جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم هائوس جي باغيچي ۾ ٿي. پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي جهنڊي کي خصوصي سلامي ڏني. معرڪه حق ۾ ڀارتي جارحيت دوران تاريخي فتح جي حوالي سان جمعي ڏينهن 16 مئي تي شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو ويو.