ڪراچي – 16 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي تي (يوم تشڪر) جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ پاڪ فوج کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ ان عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي ته جڏهن به وطن عزيز جي بقا تي حرف آيو، اسان سڀ ايئن ئي متحد ۽ بلند حوصلو رهنداسين. آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي خطي ۾ ڀارت جي عسڪري برتري جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ ثابت ٿي چڪو آهي ته فضا کان سمنڊ تائين ۽ بلند پهاڙن کان ميدانن تائين پاڪستان جي برتري آهي، ڀارت جي بزدلاڻن حملن جي ناڪامي سڄي ڀارتي حڪومت کي خوار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان پرامن آهيون پر اسان سان جيڪو ٽڪرائيندو، ان کي ڀرپور جواب ملندو. هن چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي ناقابل برداشت آهي، اسان پنهنجي آبي حقن تي حملي جو دفاع ڪنداسين.