ڪراچي – 16 مئي (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ”معرڪه حق“ حق جي ويڙهه واري ريلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب نيو سيڪريٽريٽ جي اڱڻ ۾ منعقد ڪئي وئي وئي. وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان مطابق جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب دوران قومي ترانو وڄايو ويو. ان موقعي تي ”پاڪستان زنده آباد“ ۽ ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان“ جا زوردار نعرا به لڳايا ويا. وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه چيو ته تقريب پاڪستان جي فتح ۽ قومي اتحاد جي عزم جي عڪاسي آهي. مادر وطن جو دفاع هر پاڪستاني جو پهريون فرض آهي. اسانجي جوانن ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو. قوم کي پنهنجن سپوتن تي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون. وطن جي عزت تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو. قوم دشمن خلاف شيهي واري ديوار آهي. هن چيو ته قوم هميشه پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. سنڌ جا نوجوان ملڪي دفاع ۾ پهرين صف ۾ آهن. اسانکي دشمن جي سازشن جو چڱيءَ ريت پتو آهي. سڄي قوم متحد آهي. هن چيو ته وطن خاطر جان قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو.