اسالم آباد-15 مئي (اي پي پي)سينيٽ جي ميمبرن چيو آهي ته پاڪستان ڀارت کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي دنيا کي اهو ٻُڌائي ڇڏيو ته امن کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، آپريشن بنيان مرصوص جي گجگوڙ پوري دنيا ٻُڌي، ڀارت ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ جنگبندي لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج جي ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪاميابي تحسين لائق آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ ڀارت جي پاڪستان خلاف اڳرائي ۽ ان تي پاڪستان جي ردعمل جي حوالي سان بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته ڀارت خلاف ڪاميابيءَ تي اوهان سڀني کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو، اهو پاڪستان جي عزم جو ثبوت آهي، مشڪل حالتن مان سبق سکي ملڪي ترقي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. سينيٽر روبينه سعادت قائمخاني چيو ته پاڪستان ڀارت کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي دنيا کي اهو ٻُڌايو ته امن کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. آپريشن بنيان مرصوص جي گجگوڙ پوري دنيا ٻُڌي. سينيٽر عامر وليد الدين چشتي چيو ته پاڪستان جي فوج بهترين آهي، ڀارت سميت ڪو به ملڪ اسان جي طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته اسان کي قومي معاملن تي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ملڪي سلامتيءَ لاءِ پوئتي نه هٽنداسين. ڀارت ميڊيا ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله چيو ته پاڪستاني شاهينن ڀارتي جهاز ڪيرايا، پاڪستاني فوج ڀارت جي ڪيترن ئي فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. سينيٽر مسرور احسن چيو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج جي ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪاميابي تحسين لائق آهي. بلاول ڀٽو زرداري عالمي ميڊيا تي پاڪستان جو مؤقف بهترين انداز ۾ پيش ڪيو. سينيٽر ذيشان خانزاده، سينيٽر شهادت اعواڻ، سينيٽر سردار محمد عمر ۽ سينيٽر نديم ڀٽو به بحث ۾ حصو ورتو.