ملتان – 15 مئي (اي پي پي) صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پنجاب ۾ گرمي پد ۾ واڌ ۽ ھيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آھي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان سمورن ضلعن جي لاڳاپيل انتظاميا کي الرٽ رھڻ جي ھدايت ڪندي چيو آھي ته 15 کان 20 مئي تائين گرمي پد معمول کان 4 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌڻ جو امڪان آھي. ملتان ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 27 مئي 2010ع تي رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 51 ڊگري سينٽي گريڊ ھو جنھن 54 سالن جو پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ھو جڏھن ته 27 مئي تي گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تي پھچي ويو هو. ان کان اڳ 1956ع ۾ گرمي پد اٽڪل 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. مشھور طبي ماھر ڊاڪٽر فرحان اختر اي پي پي سان ڳالھائيندي چيو ته گرمي پد ۾ اضافي ۽ ھيٽ ويو دوران سن اسٽروڪ جو خدشو هوندو آھي جنھن کان بچڻ لاءِ شهري پنهنجو مٿو ضرور ڍڪين ان کان علاوه ليمن جو استعمال وڌيڪ ڪيو ويندو آھي ته جيئن جسم ۾ نمڪيات جي گھٽتائي نه ٿئي. ان موقعي تي ليڊي ڊاڪٽر فرحيه فرحان چيو ته مريضن ۽ وڏي ڄمار جي ماڻھن کي خاص طور هن موسم ۾ خاص احتياط ڪرڻ گھرجي.