اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير عادل الجبير ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي مفاهمت جي آجيان ڪئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ سعودي عرب جي مثبت ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو.