اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) ڪشمير معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام قوم کي عظيم ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هي وطن امن چاهي ٿو پر دشمن کي جواب ڏيڻ پڻ ڄاڻي ٿو. گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته الحمد الله پاڪستان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي ڇڏيو، قوم کي عظيم ڪاميابي تي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي. امير مقام چيو ته ڀارت کي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويو، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.