اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو مداخلت ڪري ۽ ڀارت جي جارحاڻي قدمن کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت وڌيڪ جارحيت ڪئي ته پاڪستان ان جو تباهي آڻيندڙ ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. گذريل ڏينهن هڪ انٽرويو ۾ هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت جارحيت جاري رکي ته تباهي آڻيندڙ جواب ڏنو ويندو. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو مداخلت ڪري ۽ ڀارت جي لاپرواهي جي رويي کي روڪي. جيڪڏهن مودي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکيو ته پاڪستان منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ پلان تحت موثر ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان وڌيڪ مناسب جواب ڏيندو اسان ڇڪتاڻ ۾ اضافي کان بچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.