اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڀارت جي جارحاڻي قدمن تي تنقيد ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته امن امان جي حوالي سان پاڪستان جو موقف درست ثابت ٿيو آهي، جنهن سان ڀارت جي اصل مقصدن کي بي نقاب ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي فتح هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. وفاقي وزير گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته پاڪستان جي ڪاميابي ۾ الله تعاليٰ مدد ڪئي آهي، اسان جي فتح ڀارت جي جارحيت جو واضح جواب آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان سمورا دستياب ذريعا استعمال ڪندو ۽ ڀارت جي اشتعال انگيزين جو جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي قانوني حقن کي استعمال ۾ آڻيندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دنيا کي واضح پيغام ڏنو آهي ته هو امن جو خواهش آهي پر ڀارت کي مسلسل اشتعال انگيزين ۽ حملن جو هاڻي منهن ٽوڙ جواب مليو آهي. هن ياد ڏياريو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پلوامه واقعي جي شفاف، آزاداڻي جاچ جي آڇ ڪئي هئي ۽ عالمي برادري کي جاچ جي دعوت ڏني هئي پر ڀارت پاڪستان جي آڇ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسئلن جي حل لاءِ مستقل ڪميشن جي قيام تي به آماده هو پر بدقسمتي سان اها ڪوشش به ڪامياب نه ٿي سگهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن دنيا ڀارت جي جارحاڻي قدمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي ته پاڪستان وڌيڪ جارحاڻو جواب ڏيڻ تي مجبور ٿيندو. سينيٽر اعظم نذير تارڙ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جي 40 سالن واري جدوجهد ۽ بي شمار قربانين باوجود ڀارت هميشه ڪوڙ پکيڙي رهيو آهي.