اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ سڀني سياسي پارٽين وطن جي وِک وِک جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پهلگام فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ پاڪستان تي بزدلاڻو حملو ڪيو ويو جنهن جي جواب ۾ کيس مٽي چٽائي وئي. پاڪ فضائيه شاندار بهادريءَ سان 5 جهاز ڪيرايا. ڀارتي اڳرائيءَ تي ان کان ٻه قدم اڳتي وڌي ان کي اهڙيءَ طرح جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ گهرجي. جمعي نماز جي وقفي کان پوءِ اجلاس علي زاهد جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته نيلسن عظيم بحث جي شروعات ڪندي چيو ته اسان فوج ۽ عوام جي جذبي جي تعريف ڪريون ٿا، پنهنجا ذاتي ۽ سياسي اختلاف وساري پاڪستان جي سالميت ۽ ان جي تحفظ لاءِ سڀ متحد آهيون. هن چيو ته جنگ ۾ زخمين جي علاج لاءِ مسيحن جي اسپتالن جون خدمتون پيش ڪريون ٿا. اسان هر حالت ۾ ملڪ سان گڏ آهيون. اسان کي پاڪستان جي ضرورت ۽ اسان پاڪستان جي وجود سان گڏ آهيون، اسان حڪومت جي بيانيي ۽ فوج سان گڏ آهيون. هن چيو ته ڀارتي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي مشن جي اڳواڻ هڪ مسيحي پائليٽ ڪئي، اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون. پ پ جي اسيمبلي ميمبر شازيه صوبيه چيو ته گجرات جي ڪاسائي کي پاڪ فوج مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، اسان جنگ نٿا چاهيون پر اڳرائيءَ جي صورت ۾ اسان به تيار آهيون، پوري قوم پاڪستان جي دشمن ملڪ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متحد ٿئي. حڪومت سفارتي محاذن تي مؤثر ڪردار ادا ڪري ۽ پارلياماني وفد دنيا ۾ موڪلي جيڪي ڀارت جو مڪروه چهرو دنيا آڏو وائکو ڪن. هي وقت ذاتي اختلافن بدران پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ جو آهي. پاڪستان جو عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. شهرام خان ترڪئي چيو ته انڊيا جو ان خطي ۾ خوني ڪردار آهي، مودي آر ايس ايس جو تربيت يافته آهي جيڪو رتوڇاڻ چاهي ٿو، اسان مودي جي اڳرائيءَ جي مذمت ڪريون ٿا. هي ملڪ اسان جو آهي ۽ ان جو بچاءُ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته اسان جي پاڪ فضائيه دشمن کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ان تي اسان کيس خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر ملڪ ابرار احمد چيو ته پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي عالمي سطح تي جاچ جي آڇ کانپوءِ مودي پنهنجو مڪروه چهرو لڪائڻ لاءِ پاڪستان تي حملو ڪيو. پاڪستان امن چاهي ٿو پر جيڪو ڀارت ڪري رهيو آهي پاڪستان ان جو جواب ڏيڻ جو حق رکي ٿو. هٿياربند فوج ۽ قومي قيادت ڀارت جي اڳرائي جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي متحد آهي. پاڪستان ۾ جتي دهشتگردي ٿي رهي آهي ان ۾ انڊيا ملوث آهي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ سڀ متحد آهيون، پاڪ فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي آئينده به سِر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو. پاڪستان جون اقليتون اسان جو حصو آهن، اسان انهن کي سيني سان لاهينداسين ۽ پاڻ کان وڌي انهن جو خيال رکنداسين. ايم ڪيو ايم جي ميمبر عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان لازوال قربانين کانپوءِ وجود ۾ آيو آهي هي ملڪ قيامت تائين رهندو، پهلگام منصوبي کانپوءِ پاڪستان تي حملي جو اسان جي فوج مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ آئينده به کين شڪست ملندي. پاڪستان جون اقليتون برابر جا پاڪستاني ۽ انهن جا حق به برابر آهن، ڪشمير اسان جي شه رڳ آهي ۽ ڪشمير ضرور آزاد ٿيندو. پي ٽي آءِ جي ميمبر مبين عارف چيو ته پهلگام واقعو افسوسناڪ آهي، پاڪستان گذريل 25 سالن کان دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي حالت ۾ آهي ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي جيڪو ملڪ دهستگرديءَ خلاف جنگ ڪري رهيو هجي خطي ۾ دهشتگرديءَ کي هٿي ڏي، انڊيا ڪافي وقت کان هر واقعي جو الزام پاڪستان تي مڙهي ٿو. هن ان واقعي جي آڙ ۾ آبي دهشتگردي ڪئي، پوءِ مسجدن کي نشانو بنايو، اسان جي سويلينز کي نشانو بنايو، اسان پنهنجي سرزمين تي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، قوم اڄ گڏ آهي، انڊيا کي ان جي ئي زبان ۾ جواب ڏنو وڃي. فتح الله خان چيو ته ملڪ تي انڊين حملي کان پوءِ سموريون سياسي پارٽيون گڏ ٿي انڊيا جي مذمت ڪري رهيون آهن. هي ايوان پاڪستان جي عوام جي حمايت ۽ دفاعي شعور جي ترجمان آهي. انڊيا پنهنجو بزدلاڻو ڪردار ٻيهر ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته اسان ان تي واضح ڪريون ٿا ته پاڪستان ان جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. انوار الحق چوڌري چيو ته مودي جي ناپاڪ عزمن جو پاڪ فوج مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. مودي جي ناپاڪ عزمن کي اسان مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ پُرعزم آهيون. هن چيو ته ضلعي گورداسپور جي ورهاست ۾ پٺاڻ ڪوٽ انڊيا کي ڏنو ويو جيڪا هڪ سازش هئي ۽ ڪشمير کي هڙپ ڪرڻ لاءِ هي قدم کنيو ويو، اڄ اسان وٽ وقت آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت انڊيا جي ورهاست جي ايجنڊا کي مڪمل ڪريون ۽ هي هڪ سونهري موقعو آهي ۽ اسان کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي.