مظفر آباد-09 مئي (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته فوري طور امدادي ڪارروايون شروع ڪيون وڃن. ڀارتي فائرنگ سبب زخمي ماڻهن کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ سان ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائي متاثرن جي مدد ڪئي وڃي. صدر انتظاميه کي هدايت ڪئي ته ايل او سي تان لڏپلاڻ ڪندڙن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ۽ کين سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته حڪومت مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرن جي هر طرح سان مدد ڪري.