اسلام آباد-04 مئي (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان حج مشن عبدالوهاب سومرو چيو آهي ته سعودي اختيارين، لاڳاپيل کاتن ۽ مشن طرفان بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فلائٽ آپريشن ۽ غير معمولي انتظامن عيوض پاڪستاني حج پانڌيئڙا شيڊول مطابق مديني شريف پهچي رهيا آهن. آچر ڏينهن هن ريڊيو پاڪستان جي پروگرام ۾ انٽرويو ۾ چيو ته پاڪستان حج پانڌيئڙن لاءِ بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته پاڪستان حج مشن سعودي اختيارين جي ويجهي سهڪار سان حج پانڌيئڙن کي انهن جي سڄي سفر ۾ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبه بندي ڪئي آهي. ڊي جي حج هلندڙ سال سرڪاري حج اسڪيم تحت سهولتن ۾ نمايان اڳڀرائي تي روشني وڌي. هن چيو ته حج پانڌيئڙا هاڻ پنهنجي ضرورتن مطابق رهائش جي چونڊ ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان حج مشن پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ منيٰ ۾ لڳ ڀڳ 93 هزار بسترن جو انتظام ڪيو آهي جن ۾ ذڪر جوڳيون سهولتون شامل آهن جن ۾ صوفه بسترا ۽ ذاتي اسٽوريج آهن، پاڪستان جي حج تاريخ ۾ پهرين ڀيرو حج پانڌيئڙن جي آرام ۽ سهولتن ۾ نمايان اضافي کي يقيني بڻايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت حاجين لاءِ ويليوايڊڊ خدمتن کي ترجيح ڏني آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کان فائدي لاءِ موبائل ايپليڪيشنز به شامل آهن. جدت تي ٻڌل ان ڌيان سان خدمت ۾ بهتري آندي وئي آهي ۽ حج پانڌيئڙن جي سفر کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.