ڪراچي-04 مئي (اي پي پي) ترڪي جي سامونڊي فوج جو جھاز (TCG BÜYÜKADA)ٽي سي جي بويوڪاڊا خيرسگالي جي دوري تي ڪراچي بندرگاھ پھچي ويو آھي. آمد تي ترڪيھ ۽ پاڪ نيوي جي عملدارن جھاز جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. پاڪ بحريه طرفان جاري بيان موجب ڪراچي ۾ ترسڻ دوران TCG BÜYÜKADA جو عملو پاڪستان جي سامونڊي فوج جي اھلڪارن سان پيشيوراڻن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان دوري جو مقصد ٻنھي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ گڏيل افھام تفھيم، ھم آھنگي ۽ سامونڊي سھڪار کي ھٿي وٺائڻ آھي. ترڪ سامونڊي فوج جي جھاز جو ھي خيرسگالي دورو پاڪستان ۽ ترڪيھ وچ ۾ مضبوط ٿيندڙ سامونڊي لاڳاپن جو اهڃاڻ آھي، جيڪي ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ صدين تي ٻڌل تاريخي ،ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ رابطن ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آھن.