گوهاٽي – 04 مئي (اي پي پي) سڄي ڀارت ۾ مسلمانن خلاف بي بنياد الزامن جي بنياد تي جاري ڪريڪ ڊائون دوران پهلگام حملي کانپوءِ مبينا طور تي پاڪستان جو دفاع ڪرڻ جي الزام تي رياست آسام مان هڪ ٻئي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ان ڳالهه جي تصديق آسام جي وزيراعليٰ همانتا بسوا سرما ڪئي. ان سان گڏ ئي اهڙي قسم جي معاملن ۾ مجموعي طور تي 37 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ضلعي ڌوبري مان گرفتار ٿيل شخص عمار علي جي نالي سان ٿي آهي.