اسلام آباد -04 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 19 اپريل جي افغانستان جي دوري جي ثمرن جو جائزو وٺڻ لاءِ گذريل ڏينهن اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين طرفان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. نائب وزيراعظم پرامن پاڙيسري، واپار ۾ اضافي، رابطن، پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.