مظفر آباد-02 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته برطانيه ۾ ڀارت جي سفارتخاني آڏو مظاهرو ڪنداسين، ڀارت جيڪڏهن پاڪستان ۾ اڳرائي ڪئي ته سندن حدن ۾ گهڙي مارينداسين. ڀارت آزاد ڪشمير ۾ بدامني لاءِ سرمايو لڳائي رهيو آهي، اسان جي آنرشپ پاڪستان وٺي ٿو يعني پوري دنيا جي آنرشپ هڪ طرف ۽ پاڪستان جي آنرشپ هڪ طرف، الحمدلله اسان کي بلڪل به پريشاني جي ضرورت ناهي، برطانيه ۾ مظاهرن جي تجويز سٺي ڳالهه آهي پر اسان کي ان لاءِ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ان صورتحال ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي قيادت ۽ حريت ڪانفرنس هڪ پيج تي آهن، غور ۽ ويچار ان ڳالهه تي ڪرڻو آهي ته جنهن مسئلي لاءِ 3 نسلون وڃائي چڪا آهيون، ان ڪشمير مسئلي کي اڳتي ڪيئن وٺي وڃڻو آهي. اهڙو اظهار هن مظفر آباد ۾ رٿيل آل پارٽيز ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته آل پارٽيز ڪشمير ڪانفرنس ۾ عالمي مظاهرن جي باري ۾ انتهائي وزن واري تجويز سامهون آئي آهي. اسان کي برطانيه ۾ هڪ انتهائي طاقتور مظاهرو ڪرڻ گهرجي، آزاد ڪشمير حڪومت ان معاملي ۾ مڪمل طور اوهان سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته هي به انتهائي مؤثر ۽ سٺي تجويز آهي ته هتي آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم پاڪستان جو عوامي جلسي ۾ شاندار استقبال ڪيو وڃي. ان يڪجهتيءَ کي عوامي جلسن، جلوسن ۽ ريلين ۾ به قائم رکڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ان مناسب تجويز سان سڀني دوستن جي تجويزن جي توثيق ڪندي چوان ٿو ته انشاءَ الله ڪشمير مسئلي کي منتقي انجام تائين پهچائينداسين.