اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ قطر جي ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير ڊاڪٽر عبدالله بن عبدالعزيز، يورپي ڪميشن جي سرڪلر اڪانومي جي ڊائريڪٽر نوڊور ڊيا ۽ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ ٻين ماحولياتي ادارن جي نمائندن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون. ماحولياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان موجب انهن ملاقاتن جو مقصد ماحولياتي ۽ موسمياتي چئلينجز جي حوالي سان ٻه طرفن ۽ گهڻ ملڪي تعاون کي هٿي ڏيڻ هو. ڊاڪٽر عبدالله بن عبدالعزيز سان ملاقات ۾ وفاقي وزير ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديليءَ سان هم آهنگي، جنگلي جيوت جي تحفظ، صاف توانائي ۽ ڪاربن مارڪيٽ جي ترقي جهڙن شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي وزيرن پيٽرو ڪيميڪل ري سائيڪلنگ ٽيڪنالاجيز، ڪاربن ٽريڊنگ/آف سيٽ ۽ علائقائي ڪاربن مارڪيٽ جي نظام جهڙن شعبن ۾ گڏيل مفادن تي ٻَڌل گڏيل قدمن لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. ڪيوبا نوڊور ڊيا سان ملاقات دوران ڊاڪٽر مصدق ملڪ سرڪلر اڪانومي ۽ پائيدار ترقي جي اصولن سان پاڪستان جي وڌندڙ وابستگي تي روشني وڌي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي فريم ورڪ کي اُسرندڙ ملڪن جي نقطهءِ نظر کي بهتر طريقي سان شامل ڪرڻ گهرجي. هن پاڪستان جي گرين اڪانومي طرف منتقلي لاءِ گرين ڪلسٽر جي ترقي تي ٻَڌل حصيدارين جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. جينوا ۾ گڏيل قومن ۽ ماحولياتي تنظيمن جي نمائندن سان ملاقاتن ۾ پاڪستان طرفان ماحولياتي تحفظ، موسمياتي ماليات ۽ صاف توانائيءَ لاءِ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ اُسرندڙ ملڪن کي موسمياتي انصاف جي فراهمي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقليءَ ۾ عالمي برادري جي ڪردار تي زور ڀريو. ملاقاتن ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاڪستان عالمي حصيدارن سان فائدو کڻي پنهنجي صلاحيتن کي وڌائي صاف ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۽ گرين سيڪٽرز ۾ نجي شعبي جي حصيداريءَ سان معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. قطري، يورپي ۽ گڏيل قومن جي ڌُرين پاڪستان جي متحرڪ ماحولياتي ويزن کي ساراهيو ۽ عالمي پائيداري جي هدفن جي حاصلات ۾ انهن جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. وفاقي وزير ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان عالمي حصيدارن سان پنهنجو ويجهو تعاون جاري رکندو ته جيئن گڏيل ماحولياتي چئلينجز کي مُنهن ڏئي سگهجي. سبز معيشت طرف منتقليءَ کي تيز ڪري سگهجي ۽ عالمي سطح تي موسمياتي قدمن جي پليٽ فارمز تي بامعنيٰ ڪردار ادا ڪري سگهجي.