لاهور-02 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪي دفاع ۽ قومي سلامتيءَ لاءِ پارليامينٽ ۾ موجود سڀني سياسي پارٽين جو هڪ آواز ٿيڻ نهايت سٺو سنوڻ آهي، پارليامينٽرينز جي ان ڪردار سان قومي يڪجهتيءَ کي هٿي ملندي ۽ عوام ۾ به اتفاق ۽ اتحاد جي فضا پيدا ٿيندي. اها ڳالهه هن سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني اڳواڻ ۽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقيءَ سان ڳالهائيندي چئي، جنهن رائيونڊ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي پنهنجي پارٽيءَ جي سربراهه نواز شريف کي سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگيءَ کان آگاهه ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي ملڪي دفاع جي عزم جو متفقه اظهار تي ٻَڌل قرارداد جو به ذڪر ڪيو جنهن جي تياري ۽ تائيد ۾ سڀني پارٽين حصو ورتو. نواز شريف چيو ته اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي پر ملڪي بچاءَ جي عظيم مقصد لاءِ هر طرح جا اختلافن کي هڪ پاسي رکڻ سٺي روايت آهي.