واشنگٽن -14 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته هو ايران بابت جلد فيصلو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن پنهنجي جهاز ۾ سوار صحافين کي ٻڌايو ته اسان ايران بابت جلدي فيصلو ڪنداسين. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور 19 اپريل تي روم ۾ ٿيندو. ڌرين وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور 12 اپريل تي عمان ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام بابت پهرين مشاورت ٿي هئي. ايران جي وفد جي سربراهي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جڏهن ته آمريڪي وفد جي سربراهي خصوصي صدارتي ايلچي اسٽيو وٽ ڪوف ڪئي هئي. ايراني پرڏيهي وزارت موجب ملاقات تعميري رهي ۽ ڌرين مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اڻ سڌي ريت ڳالهين جو ٻيو مرحلو عمان ۾ نه ٿي سگهندو، پر عمان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندو رهندو. آمريڪي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ڳالهين لاءِ هنڌ جي تبديلي آمريڪي انتظاميه ڪئي هئي ۽ ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ڳالهين جو ٻيو دور 19 اپريل تي روم ۾ ٿي سگهي ٿو.