انقره – 11 اپريل (اي پي پي ) ترڪيه چيو آهي ته سندس ملڪ شام ۾ اسرائيل سميت ڪنهن به ملڪ سان تڪرار ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ترڪيه جي پرڏيهي وزير خاقان فيدان هڪ بيان ۾ چئي . هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ترڪيه خطي جي ڪنهن به ملڪ سان تڪرار نٿو چاهي. پر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن شام کي هڪ ڀيرو ٻيهر اندروني بدامني، ڪارروائين يا ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻو پيو ته انقره لاتعلق نٿو رهي سگهي ڇو جو ان سان اسان جي قومي سلامتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو .