ابوظهبي-10 اپريل (اي پي پي)گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستاني سفير فيصل ترمذي تحقيقي اداري ٽرينڊرز ريسرچ اينڊ ايڊوائيزري جو دورو ڪيو، جيڪو گڏيل قومن ۾ هڪ آزاد تحقيقاتي ادارو آهي ۽ علائقائي ۽ عالمي ترقي جي جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تجزئي تي ٻڌل تحقيق ۽ ايڊوائيزري پيش ڪندو آهي. هي ادارو 1914ع ۾ قائم ڪيو ويو هو جيڪو تعليمي ادارن، صنعتي ماهرن ۽ تحقيق مرڪزن سان سهڪار ذريعي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي سرگرمين کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. ٽرينڊرز جي سي اي او پنهنجي ٽيم سان گڏ پاڪستاني سفير کي اداري جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. پاڪستان جي سفيرن اداري جي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ تحقيق جي ميدان ۾ شراڪتداري قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستاني اسٽيڪ هولڊرز سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. فيصل نياز ترمذي چيو ته پاڪستان ۾ پڻ هن قسم جا ادارا تحقيق ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين پاران گڏيل تاريخي لاڳاپن جي واکاڻ ڪئي وئي ۽ شراڪتداري قائم ڪرڻ لاءِ تحقيق جي شعبي ۾ سهڪار ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.