تهران – 8 اپريل (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسان جنگ، افراتفري يا ايٽم بم جا حامي ناهيون، آمريڪا کي به ثابت ڪرڻ گهرجي ته هو حقيقي ڳالهين جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سياسي پارٽين ۽ پاپولر بلاڪس جي نمائندن سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته اسان ڳالهين جي عمل تي يقين رکون ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان جنگ، افراتفري يا ايٽم بم جا حامي ناهيون. ڳالهين جي خواهش آهي پر آمريڪا کي به اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته هو حقيقي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو.