اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاه اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار کي ڀٽو کي سندس 46 هين ورسي جي موقعي تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو طرفان جمهوريت، عوامي حقن ۽ قومي ترقي لاءِ ڏنل قربانين کي سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو. جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پاڪستان کي 1973ع جو متفقه آئين مليو جيڪو اڄ به ملڪي وحدت ۽ جمهوري نظام جو ضامن آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام ۾ سياسي شعور بيدار ڪيو ۽ پنهنجن حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ حوصلو ڏنو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو، سندس بي خوف قيادت ۽ عوامي خدمت جو جذبو اڄ به سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن لاءِ مشعل راه آهي. ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي پرڏيهي پاليسي پاڪستان کي عالمي سطح تي هڪ خودمختيار ۽ طاقتور ملڪ طور متعارف ڪرايو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ شهيد ڀٽو جو نظريو ۽ مشن جاري آهي.