اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) واپڊا پاران مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 16 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 هزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 17 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 هزار ڪيوسڪ آھي، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد 33 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 33 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 21 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 3 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1410.62 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.090 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1086.70 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.212 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 643.10 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.089 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.