برسلز -04 اپريل (اي پي پي) يورپي ڪميشن چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان اعلان ڪيل نئون ٽيرف عالمي معيشت لاءِ وڏو نقصان آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه يورپي ڪميشن جي صدر ارسلاوون ڊيرلئن پنهنجي بيان ۾ چئي. هن ٽرمپ پاران ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته يورپي ملڪ ان قدم جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. جيڪڏهن آمريڪي انتظاميه سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون ته مخالف تدبيرن تي ٻڌل نئون پيڪج سامهون آندو ويندو. يورپي ڪميشن جي سربراهه چيو ته آمريڪي ٽيرف جي جواب ۾ پهريون پيڪج آخري مرحلي ۾ آهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اربع تي يورپي يونين تي 20 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.