آڪلينڊ _ 20 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات جمعو 21 مارچ تي پهرين ميچ سان ٿيندي. اهو ميچ ايڊن پارڪ آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. آسٽريليا جي عورتاڻي ٽيم هلندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي جتي اها ميزبان نيوزيلنڊ جي ٽيم خلاف ٽن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ آسٽريلوي عورتاڻي ٽيم جي قيادت تليا ميڪ گراٿ ڪندي جڏهن ته ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي سوزي بيٽس ڪندي . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ (اڄ ) ايڊن پارڪ ، آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي . ٻي ٽي – ٽوئنٽي 23 مارچ تي بي اوول، مانٽ مونگانوئي ۽ ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 26 مارچ تي اسڪائي اسٽيڊيم ، ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.