اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي جي باصلاحيت افرادي قوت ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي جي بنياد تي ڪم ڪرڻ جي سگهه موجود آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ 25 ارب ڊالر جي روانگي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي ڪمپينن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ناليواري آمريڪي ملٽي نيشنل آءِ ٽي ڪمپني ايفينيٽي جي سي اي او جيرومي ڪيپيلس جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر موجود هئا. وزيراعظم ايفينيٽي جي پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ ايفينيٽي پاڪستان کي قومي ۽ عالمي صارفين جي لاءِ پاڪستان ۾ عاليم معيار جو ڪال سينٽر قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي باصلاحيت نوجوانن کي آءِ ٽي، اي آءِ ۽ ٻين جديد ٽيڪنيڪي صلاحيتن سان ليس ڪرڻ جي پروگرام جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، آءِ ٽي شعبي ۾ 25 ارب ڊالر جي روانگي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي ڪمپنين کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وفد پاڪستاني آءِ ٽي شعبي سان تعلق رکندڙ پيشيواراڻي ماڻهن جي قابليت ۽ شعبي جي ترقي جي لاءِ ان جي محبت کي ساراهيو. جيرومي ڪيپيلس چيو ته پاڪستان جو آءِ ٽي شعبو سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي لاءِ انتهائي موزون آهي، هن وقت ايفينيٽي پاڪستان ۾ 1000 کان وڌيڪ انتهائي باصلاحيت ۽ قابل پاڪستاني ماهر ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستاني نوجوانن ۾ آءِ ٽي شعبي جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان جي پيشيواراڻي ۽ تربيت يافته افرادي قوت جي ڪري ئي ايفينيٽي خطي جي ڪامياب ڪمپني آهي.