ڊونيڊن – 17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ٽي – 20 ميچ 18 مارچ اڱاري تي ڊونيڊن ۾ کيڏيو ويندو. نيوزيلينڊ کي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان 9 وڪيٽن تان شڪست ملي هئي. ٽي – 20 سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪري رهيو آهي. نيوزيلينڊ جي قيادت مائيڪل بريسويل ڪري رهيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ٽي – 20 ميچ 21 مارچ تي آڪلينڊ، چوٿين ميچ 23 مارچ تي مائونٽ مانگونوئي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 26 مارچ تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي. نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جون ٽيمون 29 مارچ تي نيپئر پهچنديون جتي ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ميڪ لين پارڪ، نيپئر ۾ کيڏي ويندي. ٻي ون ڊي ميچ 2 اپريل تي سڊني پارڪ، هيملٽن جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 5 اپريل تي بي اوول مائونٽ مونگانوئي ۾ کيڏي ويندي.