ويلنگٽن _ 17 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 21 مارچ تي پهرين ميچ سان ٿيندي. اهو ميچ ايڊن پارڪ، آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. آسٽريليا جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي جتي اها ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. سيريز ۾ آسٽريلوي عورتاڻي ٽيم جي قيادت ٿليا ميڪ گراٿ ڪندي جڏهن ته ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي سوزي بيٽس ڪندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 21 مارچ تي ايڊن پارڪ، آڪلينڊ ، ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ 23 مارچ تي بي اوول، مائونٽ مونگانوئي ۽ ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 26 مارچ تي اسڪائي اسٽيڊيم، ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.