بي گناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ انتهائي گٿو عمل آهي: ترجمان بلوچستان حڪومت
ڪوئيٽا – 16 مارچ (اي پي پي) بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند نوشڪي دالبندين شاهراهه تي بس ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪئي، ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانين جي خيان تي افسوس جو اظهار ڪيو، بلوچستان حڪومت جي ترجمان فوتين جي ڪٽنب ڀاتين سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪريون ٿا، ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته بي گناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ انتهائي گٿو عمل آهي، دشمن عنصر ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششوب ڪري رهيا آهن، جن کي نڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو. هن چيو ته دهشتگردي ذريعي عوام جا حوصلا گهٽجي نٿا سگهن.