ڊينڊن – 16 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ٽي- 20 ميچ 18 مارچ اڱاري تي ڊينڊن ۾ کيڏيو ويندو. ميچ پاڪستاني وقت مطابق صبح 6 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي. نيوزيلينڊ کي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان 9 وڪيٽن تان شڪست ملي. ٽي 20 سيريز ۾ پاڪستان ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪري رهيو آهي. نيوزيلينڊ جي قيادت مائيڪل بريسويل ڪري رهيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ٽي 20 ميچ 21 مارچ تي آڪلينڊ، چوٿين ميچ 23 مارچ تي مائونٽ مانگونوئي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 26 مارچ تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.