اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪرغز – تاجڪ سرحد جي حدبندي جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان تاريخي معاهدي تي ڪرغزستان ۽ تاجڪستان جي قيادت ۽ ڀائر عوام کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، جيڪو هڪ ڊگهي سرحدي تڪرار جي خاتمي جي علامت آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان کي يقين آهي ته اها تاريخي اڳڀرائي خطي ۾ تعاون ۽ ترقي جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪندي.