اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رانديگرن کي هر قسم جي سهولتن ۽ وسيلن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملڪ جي ناليواري رانديگرن کي انهن جي صلاحيتن موجب سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار هنگو سان تعلق رکندڙ فٽبال جي رانديگر محمد رياض سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پڻ موجود هئا. وزيراعظم فٽبالر محمد رياض جي معاشي تنگدستي جو نوٽيس وٺندي کيس وزيراعظم آفيس گهرايو. محمد رياض کي 25 لک رپين جو امدادي چيڪ ڏنو ۽ نوڪري جو پڻ انتظام ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته باصلاحيت نوجوان قوم جا هيرو ۽ محمد رياض جهڙا رانديگر اسان جو سرمايو آهن، پاڪستاني رانديگرن کي هر قسم جي سهولتن ۽ انهن کي عالمي سطح تي مقابلي جي لاءِ وسيلن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، توهان قوم جا قابل رانديگر آهيو ۽ توهان جو ٽيلينٽ ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم محمد رياض کي راند جاري رکڻ ۽ پاڪستان ۾ فٽبال جي فروغ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي تلقين ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته محمد رياض کي سندس پسند جي وفاقي اداري ۾ نوڪري ڏني وڃي. هن هدايت ڪئي ته ملڪ جي ناليواري رانديگرن کي انهن جي صلاحيتن موجب سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن، ملڪ ۾ راندين جي فروغ جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن، عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ رانديگرن جي ڀلائي ۽ انهن کي روزگار جا پائيدار موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم چيو ته نوجوان راندين ۽ ٻين صحتمند سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد رياض کي 25 لک رپين جو چيڪ ڏنو. محمد رياض وزيراعظم پاران مالي تعاون ۽ رانديگرن جي ڀلائي ۽ راندين جي ترويج جي لاءِ قدمن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. محمد رياض 2018ع جي ايشيائي راندين ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ هو عالمي سطح تي مختلف ڪلبن پاران کيڏندو رهيو آهي، ان کانسواءِ چار انڊر 23 مقابلن سميت 14 عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. 29 سالن جي فٽ بالر محمد رياض جي جليبيون وڪرو ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن کانپوءِ وزيراعظم کيس ملاقات جي لاءِ وزيراعظم هائوس گهرائي حوصلا افزائي ڪئي.