اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جعفر ايڪسپريس آپريشن مڪمل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن آپريشن دوران 21 شهرين ۽ 4 ايف سي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز پاران موثر ڪارروائي ۾ 33 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر شهرين ۽ مسافرن کي بازياب ڪرائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. صدر شهادت ماڻڻ تي 4 ايف سي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آپريشن جعفر ايڪسپريس جي شهيدن جي درجن جي بلندي، وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو اظهار ڪيو.