اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين واري مملڪتي وزير عون چوڌري پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. عون چوڌري سمنڊ پار پاڪستانين بابت فيڊرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد محمود ۽ سمنڊ پار پاڪستانيز فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد افضال ڀٽي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سمنڊ پار پاڪستانيز فائونڊيشن جي عملدارن مملڪتي وزير عون چوڌري کي بريفنگ ڏني.