ڪراچي-11 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته سڄي صوبي جي 6 ضلعن ۾ آءِ ٽي يونيورسٽيون قائم ڪنداسين ۽ انهن جو افتتاح صوبائي وزيرن کان ڪرائينداسين. هن اها ڳالهه گورنر هائوس ۾ افطار ڊنر جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته آءِ ٽي ڪورسز لاءِ عمر ۽ تعليم جو ڪو قيد نه آهي، سڀ ماڻهو آءِ ٽي ڪورسز ڪن، اسان کين مفت ڪورسز ڪرائينداسين. هن چيو ته صوبي ۾ رهندڙ سڀني قوميتن وارا منهنجا ڀائر آهن.