سکر-11 مارچ (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ مستقل ڪميشن ٽرم 2025-B ذريعي پي اين ڪيڊٽ طور شموليت اختيار ڪرڻ لاءِ 23 مارچ 2025ع تائين رجسٽريشن جو عمل جاري رهندو. پاڪستان نيوي ڀرتي سينٽر سکر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اھڙا پاڪستاني مرد اميدوار جن ميٽرڪ/ ايف ايس سي (انٽرميڊئيٽ) يا او ليول/ اي ليول لاڳاپيل مضمونن ۾ 60 سيڪڙو نتيجي سان پاس ڪئي ھجي، رجسٽريشن لاءِ اھل هوندا. پڌرائي موجب ايف ايس سي (پري انجنيئرنگ) پارٽ ـ 2 جا اهي شاگرد جن پارٽ ـ 1 جو امتحان لاڳاپيل سبجيڪٽس ۾ 65 سيڪڙو سان پاس ڪيو ھجي، پڻ رجسٽريشن لاءِ اهل هوندا. پڌرائي ۾ سويلين غير شادي شده اميدوارن لاءِ عمر جي حد ساڍا سورنھن سالن کان 21 سال، جڏهن ته آرمڊ فورس سروسز جي اميدوارن لاءِ 17 سالن کان 23 سالن تائين عمر هجڻ جو شرط رکيو ويو آهي، پاڪستان نيوي ۾ شموليت لاءِ دلچسپي رکندڙ خواھشمند اميدوار پاڪستان نيوي جي ويب سائيٽ ذريعي 23 مارچ 2025ع تائين آن لائين رجسٽريشن لاءِ وزٽ ڪري سگهن ٿا. اميدوارن کي صلاح ڏني وئي آھي ته ڪميشن بابت تفصيلي ڄاڻ پاڪستان نيوي رڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن مرڪز بکر آءِ لينڊ سکر سان رابطو ڪري پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.