نئين دهلي -10 مارچ (اي پي پي) ڀارتي هوائي ڪمپني ايئر انڊيا جي ممبئي کان نيويارڪ ويندڙ اڏام ۾ بم جي موجودگي جي افواهه تي ٽيڪ آف جي چئن ڪلاڪن بعد ممبئي واپس گهرايوو يو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر انڊيا ميڊيا کي بيان ۾ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ممبئي کان نيويارڪ جي جي ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ ويندڙ اي آءِ 119 اڏام دوران امڪاني سيڪيورٽي خطرو محسوس ٿيو جنهن سبب ضروري پروٽوڪول جي پيروي بعد اڏام ۾ سوار سمورن ماڻهن جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي اڏام مقامي وقت مطابق 10 لڳي 25 منٽن تي واپس ممبئي پهچي وئي. بوئنگ 777 جهاز جنهن ۾ عملي جي 19 ڄڻن سميت 322 ماڻهو سوار هئا، آذربائيجان مٿان اڏام ڪري رهي هئي ته ان دوران هن پنهنجو رستو بدلائي واپس ممبئي اچي وئي. رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته جهاز جي هڪ بيت الخلا اندر بم جي ڌمڪي وارو لکيل پيغام مليو جنهن تي عملي فوري ڪارروائي ڪئي. جنهن کان پوءِ پائليٽن هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول ۽ اختيارن سان رابطو ڪيو، ايئر انڊيا جي ترجمان ٻڌايو ته جهاز جي سيڪيورٽي ايجنسيز طرفان لازمي جاچ پڙتال جاري آهي.