فيصل آباد – 07 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڇنڇر 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو جڏهن ته ان موقعي تي خاص تقريبون، واڪس ۽ مشاعرا به منعقد ڪيا ويندا. ان موقعي تي عورتن جي ترقي جي عالمي اداري، وومين ڊولپمينٽ کاتي، ضلعي انتظاميا سميت مختلف ادارن ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي انتظام هيٺ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز جو به اهتمام ڪيو ويندو جن کي اهم سياسي، ڪاروباري، سرڪاري شخصيتون خطاب ڪنديون. انهن تقريبن دوران عورتن ۾ سندن حقن جي حوالي سان جاڳرتا پيدا ڪئي ويندي ته جيئن کين زندگي جي معمول ۾ ڪنهن به قسم جي تشدد کي منهن نه ڏيڻو پوي.