دبئي – 7 مارچ (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي ) چيمپئينز ٽرافي 2025 ع جي فائنل ميچ لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آئي سي سي چيمپئينز ٽرافي 2025ع جي فائنل ميچ نيوزيلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 9 مارچ تي دبئي انٽر نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ، دبئي ۾ کيڏي ويندي . نيوزيلينڊ ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ فائنل ميچ ۾ آسٽريليا سان تعلق رکندڙ پال ريفل ۽ انگلينڊ سان تعلق رکندڙ رچرڊ النگورٿ امپائرنگ جا فرض انجام ڏيندا . ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو جو جوئيل ولسن ٿرڊ امپائر هوندو جڏهن ته سريلنڪا سان تعلق رکندڙ رنجن مدوگالي ميچ ريفري هوندو . چيمپئينز ٽرافي جي فائنل ميچ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 9 مارچ آچر ڏينهن دبئي ۾ کيڏي ويندي . ڀارت آساني سان آسٽريليا کي جڏهن ته نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريقا کي سيمي فائنل ۾ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو.